SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


وَڏ- قومي


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


وَڏ- قومي

Supranational

سُپرانئشنل

هڪ کان وڌيڪ مُلڪن جي تنظيم جنهن کي چٽيءَ طرح ڄاڻايل مامرا فيصلا ڪرڻ جي انهن ملڪن پاران بااختيار ’وڏ قومي‘ تنظيم هوندي. ڪنهن به هڪ رياست جي مُفادن کان مٿانهين قانون سازي، اختيار سازي ۽ فيصله سازيءَ جو اهڙو طريقيڪار، جيڪو گهڻين رياستن تي ٻڌل هُجي ۽ سڀني رياستن تي اثرانداز ٿيندي، ڪنهن به هڪ رياست جي خواهش يا اختيار کي حتمي نه سمجهي. عام طور تي اهو اختيار رضاڪارانه طرح هر رياست طرفان ڪنهن به تنظيم جو حصو ٿيڻ جي صورت ۾ ان تنظيم کي ڏنو ويندو آهي. اهڙيِءَ تنظيم جي اختيار جو دائرو ڪُجهه شعبن تائين طئه ٿيل يا محدود هوندو آهي. مثال طور، دفاع، واپار ۽ ڪاروبار جا معاملا. اهڙي تنظيم جو چٽو مثال يورپي يونين ۽ اُن جو ”گڏيل سياسي سرشتو“آهي، جيڪو يورپي رياستن جي رضامنديءَ سان مليل اختيار تحت لڳ ڀڳ سڄي يورپ جي حوالي سان فيصلا ڪري سگهي ٿو. اهڙي طرح هي هڪ اهڙو بندوبست آهي، جنهن تحت ڳانڍاپي واري لاڙي کي اڳتي وڌائيندي، مُختلف رياستون هڪ پلئٽفارم تي هڪٻئي سان سهڪارڪن ٿيون ۽ اهڙي سهڪار کي اداراتي مڃتا ڏيارين ٿيون


Remember Me Also:

مٿو گونٿڻ

مٿو گُونٿڻُ (ٿ)

ٿَري زالن جو خاص نموني ۾ وار ڳُتڻ، مٿو ويڙهڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal